رڃ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ

رڃ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ

رڃ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ

رڃ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ

رڃ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ

رڃ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ (ڪتاب): هي ڪتاب ناليواري صحافي ۽ ترقي پسند اديب فقير محمد لاشاريءَ جي ايڊيٽوريلن تي مشتمل آهي، جيڪي هن عوامي آواز، هلال پاڪستان ۽ جاڳو اخبارن ۾ لکيا هئا. سندس ايڊيٽوريل بيباڪ ۽ جرئتمندانه ٻوليءَ ۽ لهجن ۾ لکيل آهن. هن ڪتاب جا ٻه جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، پهرئين جلد جي ادارين جو عنوان ’سنڌ پيپلز پارٽيءَ کان ڄام صادق عليءَ تائين‘ آهي ۽ هن جلد جو مهاڳ نامياري عالم ۽ اديب سراج ميمڻ لکيو آهي، جڏهن ته ٻئي جلد کي مرتضى لاشاريءَ سهيڙيو آهي، جنهن جو عنوان ”سنڌ پيپلز پارٽيءَ کان مسلم ليگ تائين“ آهي. سنڌ جي پيڙائن، بنيادي مسئلن ۽ حقن بابت فقير محمد لاشاريءَ جي ادارين جي ٻولي وقت جي حڪومت کان برداشت نه ٿيندي هئي. سندس ايڊيٽوريلن مان ڪن جا عنوان هن ريت آهن:
(1) سنڌي قوم ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، (2) قومي تعليم سان دشمني قوم سان دشمني، (3) ڪاڇي پئي ڪوڪ، (4) چٽيون حڪمرانن جون ڀري عوام، (5) انساني حقن جو جنازو، (6) حاڪمن جي رحم جوڳي بيرحمي وغيره.
فقير محمد لاشاريءَ ادارين لکڻ جي شروعات 1990ع ۾ ’عوامي آواز’ اخبار کان ڪئي ۽ 1992ع جي وچ ڌاري ’جاڳواخبار تي توڙ ڪيو. هن ڪتاب جو پهريون جلد 1991ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته ٻيو جلد 1999ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. پهرئين جلد جي قيمت 150 روپيا ۽ ٻئي جلد جي قيمت 200 روپيا آهي. هي ٻئي ڇاپا سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ ڇپائي پڌرا ٿيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو